چونڊ سياسي مضمون

چونڊ سياسي مضمون

چونڊ سياسي مضمون

چونڊ سياسي مضمون (ڪتاب): هي ڪتاب نامور سياستدان سائين جي. ايم. سيد، جي تيرهن (13) چونڊ سياسي مضمونن تي مشتمل آهي، جن ۾: (1) سنڌ اسيمبليءَ ۾ 3 مارچ 1943ع تي پاڪستان لاءِ ٺهراءَ پيش ڪرڻ وقت ڪيل تقرير، (2) انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي ٽيهين اجلاس (24-25-26 ڊسمبر 1943ع) ۾ ڪيل استقبالي خطبو، (3) مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان پيدا ٿيل اختلافن بابت بيان (29 آڪٽوبر 1945ع)، (4) صوبه سنڌ مسلم ليگ پاران مرڪزي مسلم ليگ خلاف بيهاريل اميدوارن جي موقعي تي ڪيل پـريس ڪانفرنس (26 ڊسمبر 1945ع)، (5) سنڌ مسلم ترقي پسند جماعت قائم ڪرڻ وقت (23-24 جون 1947ع) تي سن ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ ڪيل تقرير، (6) پاڪستان عوامي جماعت جي قيام وقت ڪراچي ڪنوينشن ۾ پڙهيل صدارتي خطبو (8-9-10 مئي 1948ع)، (7) سنڌ عوامي جماعت جي پاليسي ۽ پروگرام بابت شايع ڪرايل مضمون (1953ع)، (8) ســنڌ اسـيـمبلـيءَ انـدر عــوامـي مـحــاذ جـي پاليـسـيءَ بابت وضاحتي مضمون (1954ع)، (9) مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ گڏيل يا جدا چونڊن تي ٿيل بحث وقت ڇپايل مضمون (1956ع)، (10) پاڪستان جي خارجه پاليسيءَ تي تنقيدي مضمون (6 جنوري 1957ع)، (11) مغربي پاڪستان جي ’وحدت‘ (One Unit) تي سرسري مضمون (1957ع)، (12) نيشنل عوامي پارٽيءَ جي مغربي پاڪستان اسيمبلي ۽ مسلم ليگ سان تعاون جي وضاحت (18 اپريل 1957ع)، (13) پاڪستان ۾ مشڪلاتون ۽ انهن جا حل (مضمون: 5 مارچ 1962ع) اچي وڃن ٿا.
ڊيمي سائيز جي 192 صفحن تي مشتمل، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي، فيبروري 1975ع ۾ ڇپايو هو، جنهن جي قيمت ڇهه روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو